ثريا 1

ثريا (اداڪاره):نامياري اداڪاره ۽گلوڪاره ثريا جو جنم، 18 جنوري 1929ع تي لاهور ۾ شيخ عبدالعزيز جي گهر ٿيو. هن 13 سالن جي عمر ۾ فلمي ڪيريئر جو آغاز ڪيو. سندس ڀاءُ ظهور احمد، موهن پڪچرز بمبئيءَ ۾ ملازم هو. ثريا والدين جي مخالفت باوجود ڀاءُ ظهور احمد سان گڏجي هندستان هلي وئي، جتي ڪجهه عرصو ڀاءُ سان گڏ شوٽنگ ڏسڻ لاءِ اسٽوڊيو ويندي هئي. ان دوران کيس فلمن ۾ ڪم جي آڇ ٿي ۽ هن 15 مارچ 1941ع کان فلمي دنيا ۾ قدم رکيو. سندس اصل نالو ثريا جمال هو، پر فلم ۾ اداڪاريءَ کانپوءِ هوءَ ثريا جي نالي سان مشهور ٿي. ثريا جي پهرين فلم ’تاج محل‘ هئي ۽ ٻي فلم وجئه ڀٽ جي ’اسٽيشن ماسٽر‘ هئي، جن ۾ هن بهترين اداڪاري ڏيکاري. ڊي. آر. ڊي پروڊڪشن جي مشهور فلم ’اشاره‘ ۾ کيس وڏي مقبوليت ملي. ان کانپوءِ هن ڪيترين فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ هيءَ اداڪار ۽ گلوڪار جي حيثيت ۾ مقبول فنڪار بڻجي وئي. 25 سالن تائين ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيائين. ان دوران سندس ڪافي ڪامياب فلمون رليز ٿيون، جهڙوڪ: سنجوگ، هماري بات، ڦول، تقدير، آڪاش (ديپ)، رنگ محل، عمر خيام، شان، انمول گھڙي، بڙي بهن، داستان، دنيا، پيار ڪي جيت، دل لگي، افسر، راجپوت، صنم، چار دن، ڊاڪ بنگلا، ڪاجل، ناٽڪ، شاعر، کلاڙي، ناچ، موتي محل، دو دل، جگ بيتي، بالم ۽ ديوانه. ثريا هندستان جي ڪيترن مشهور فلمي اداڪارن سان گڏجي ڪم ڪيو. سندس ڳايل گانا اڄ به مقبول آهن. کيس ادب سان به شوق هو. سندس ڪيتريون ڪهاڻيون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.01.18  عيسوي

نامياري اداڪاره ۽ گلوڪاره ثريا جو جنم، 18 جنوري 1929ع تي لاهور ۾ شيخ عبدالعزيز جي گهر ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيلاني حنا
شاهه شجاع پٺاڻ
شورو سڪندر علي ڊاڪٽر
سهراب خان ٽالپر مسڪين
سوامي غريب داس
احمد علي شاهه ڊاڪٽر
طالش
عبدالوحيد انڍڙ ڊاڪٽر
آچار ڪاڪو
تهمينه مفتي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون